ٿر ۽ پارڪر جو احوال

ٿر ۽ پارڪر جو احوال

ٿر ۽ پارڪر جو احوال

ٿر ۽ پارڪر جو احوال (ڪتاب ):هي ڪئپٽن ايس. اين. ريڪس جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Memoir on Thur and Parkar جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌ جي نامياري عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو آهي. ڪئپٽن ايس. اين. ريڪس انگريز عملدار هو، جيڪو 1847ع کان لاڳيتو ٿر ۽ پارڪر تي مقرر ڪيل هو. هن ان عرصي دوران ٿر کي گهمي ڏٺو، مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري رڪارڊ هٿ ڪري ۽ مختلف ماڻهن سان ڪچهريون ڪري هي ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ٿر ۽ پارڪر جي مختصر احوال سان گڏ اتي جي ذاتين، قبيلن، پراڻن مندرن ۽ جڳهين، آدمشماري، پيداوار ۽ واپار، جانورن ۽ انتظامي جوڙجڪ بابت به مواد شامل آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ 1856ع ۾ ڇپيو. سنڌيءَ ۾ هي ڪتاب ٿر سيمينار ڪميٽي مٺيءَ، 1992ع ۾ شايع ڪرايو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 138 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 25 رپيا آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران جون 2005ع ۾ ڇپيو آهي، ڊيمي سائيز جي 126 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو